شاهه جون آکاڻيون

شاهه جون آکاڻيون

شاهه جون آکاڻيون

شاهه جون آکاڻيون

شاهه جون آکاڻيون

شاهه جون آکاڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ ۽ نثر نويس ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ بيان ٿيل نون آکاڻين جو تت ڏنو ويو آهي. ڪلام جي آڌار تي انهن آکاڻين کي مڪمل قصي جي بيان جو روپ ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ هيٺ ڏنل ڪهاڻين جو بيان آهي: (1) سهڻي ميهار، (2) حسن حسين، (3) مومل راڻو، (4) راءِ ڏيارچ، (5) ليلان چنيسر، (6) ڄام تماچي ۽ نوري نماڻي، (7) عمر مارئي، (8) سسئي پنهون، (9) هير رانجهو.
ڪتاب ۾ قصن جو بيان لوڪ ادب جي روايتن بجاءِ بيتن جي آڌار تي اهڙيءَ طرح ته خوب نموني ڪيو ويو آهي، جو هوند ڪهاڻيون جيئري جاڳندي، چرندي پرندي محسوس ٿين ٿيون. آکاڻين کي ترتيب سان، واقعي وار بيان ڪري بيتن جو بيان ڪيو ويو آهي. آکاڻين جي بيان سميت روحاني راز توڙي سماجي ۽ رومانوي پهلوئن کان سمجهاڻي پڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ان سميت ڄيٺمل پرسرام جي سوانح حيات، ڪيل ڪم ۽ ڪارگذارين جو وچور پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ شڪريه ادائيءَ جو نوٽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ٻه اکر اساٽ ساهت مالها جا لکيل آهن. ڊيمي سائيز ۾ رنگين پڪي جلد سان 380 صفحن جو هيءُ ڪتاب ٽيون ڀيرو سنڌ تحقيقي بورڊ 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڇاپي ٽئين لاءِ ٻه اکر جو نوٽ ناز سنائيءَ لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڄيٺمل پرسرام جون سنڌي، انگريزي ۾ اصلوڪيون، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل رچنائون تفصيل سان ڄاڻايون ويون آهن. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو